اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو از??لو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضامن، عدل ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي ضمان?? آهي، هي واعدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ان جي آهي، هي اختيار عوام چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين کان انحراف تي ملڪ ۽ قوم صدما برداشٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، دهشتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب بردا??ت ڪيا. هن چيو ته آئين کان انحراف سان ادارا برباد ٿيا، عدل ۽ انصاف جي جڳهه ظلم ورتي، اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو از??لو هوندا، قوم جي ڏکن جو مداوو هوندا.
اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : quina acumulada