راولپنڊي – 22 – مارچ (اي پي پي) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪ?? جي جنازي نماز ريس ڪورس گرائونڊ راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنازي نماز ۾ صدر ??اڪ??ر عارف عل??ي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، ڊ?? جي انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن، سرڪاري آفيسرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ ??رڪ?? ڪئي. آفيسر کي قوم جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پوري فوجي اعزاز سان آرمي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پنهنجي پوري فوجي ڪيريئر دوران برگيڊيئر مصطفيٰ برڪ?? جي دهشتگرد?? جي خاتم?? جي ڪاررواين ۾ سرگ??م رهيو، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد?? جي ڪيترن ئي نيٽ ورڪس کي ڪاميابي سان ختم ڪيو. هو اي پي ايس حملي 2016ع ۾ ملوث دهشتگرد نيٽ ورڪس تائين پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو هو. قوم سندس زندگي ۾ شاندار خدمتن ۽ پاڪستان جي لاءِ ڏني ويندڙ عظيم قرباني جو اعتراف ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون دهشتگرد?? جي ان لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون.
شهيد برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي جي جنازي نماز، صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف، ڊي جي انٽر سروسز انٽيليجنس، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری