اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هڪ آمريڪي ٽيليويزن چينل ايم ايس اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه دهشتگردي تي ٿيندي هئي جڏهن ته هن وقت 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه اقتصادي تعاون ۽ دهشتگردي سميت ٻين شعبن تي ٿئي ٿي، اهو پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ا?? کي اسان تبديل نه ٿا ڪري سگهون جڏهن ته ماضي ما?? سبق سکي سگهون ٿا ۽ حقيقت پسنداڻي اميدن سان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ٻنهي ملڪ?? کي هڪ ٻئي تي ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? کي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي فنڊنگ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ا?? کي ڪنهن به قدرتي آف?? جي ڏس ۾ مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگهجي جنهن سان ممڪن نقصان?? کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا