اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??رڪ??ه سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ??رڪ??ه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تر?? هلال احمر جي خيرسگالي سفير اسماعيل حقي ترنڪ ۽ پاڪستان ۾ ??رڪ???? جي سفير مهمت پيڪاسي تي ٻڌل ??رڪ?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ??رڪ??ه پاران يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو ۽ چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال وانگر تازي ٻوڏ کانپوءِ به ??رڪ??ه پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جون ٽرينون موڪلڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ??رڪ???? جي عوام جا ٿورائتا ??هي??ن. هن چيو ته ??رڪ??ه پاران امدادي ڪاررواين جي لاءِ موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اسماعيل حقي ترنڪ ملڪ ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مڪمل مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته اهي امدادي سامان ۽ خدمتن جي فراهمي ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي تر?? هلال احمر جا ٿورا مڃيا.
ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania