اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مسيحي برادري ??اڪ??تان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، مسيحي برادري سميت سمورا غيرمسلمان ??اڪ??تاني اسان جو فخر جوڳو اثاثو ۽ قوت آهن، اسان پنهنجي غيرمسلم ??اڪ??تانين جي ترقي، ڀلائي ۽ انهن کي آئيني حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو عزم رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسٽر جي تهوار جي موقعي تي ??اڪ??تان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد وارو پيغام ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسيحي برادري کي ايسٽر جي خوشين جي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت مسيحن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ تمام وڏو گڏيل قدر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته مسيحي برادري ??اڪ??تان قائم ٿيڻ کان وٺي تعمير ??اڪ??تان تائين هر ??رح??ي تي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته هن تهوار تي ??اڪ??تان جي ترقي، دنيا ۾ امن ۽ محبت جي فروغ، تڪرارن ۽ نفرتن جي خاتمي جي خصوصي دعا جي اپ??ل ڪريان ٿو.
مسيحي برادري پاڪستان ۾ تعليم، صحت ۽ دفاع سميت سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر