اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، بطور اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ??مران خان جي قدمن کي ??اراهڻ گهرجي ها پر اخلاقيات ۽ (ن) ليگ ٻه ج??ا جدا شيون آهن. شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عوام جي ريليف تي به ڪاوڙيل نظر آئي، (ن) ليگ جي اصل ايجنڊا آهي ڪهڙي؟. فرخ حبيب چيو ته اڄ اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ادارن کي ??باهه ڪرڻ جو خميازو ڀوڳي رهيا آهيون، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ذميوار (ن) ليگ آهي، اسان جي ڪوششن سان اهو گهٽ ٿيو آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي مصنوعي ڪيپنگ ڪئي. هن چيو ته پيڪا قانون (ن) ليگ جو ??اهيل آهي، موجوده حڪومت ته رڳو سزائون واضح ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جا ڪرپٽ ترين ما??هو (ن) ليگ جو حصو آهن، جيڪڏهن سياست ۾ ڪنهن کي ??يساکي ??ي ضرورت آهي ته اها نواز شريف ۽ شهباز شريف کي ??هي، در در جا ڌڪا کائيندڙ مخالف ڌر جي هڪ ئي خواهش آهي ته انهن کي ڪنهن به طرح اين آر او ملي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني چورن کي ??نهن جي انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو.
وزيراعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون