اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نش??ندهي تي سزا ڏني پئي وڃي، ان تي تشدد ڪري قانون جون ڌڄيون اڏايون ويون، ??نڌ حڪومت جو رويو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، سنڌ حڪومت قانون جو احترام ڪري، حليم عادل شيخ سان جهڙي طرح جو رويو اختيار ڪيو ويو آهي اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر، بي باڪ ۽ عمران خان جو سپاهي آهي، اسان ان معاملي کي اسيمبلي سميت هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين، ??يستائين پئسي جي سياست آهي، جمهوريت مضبوط نه ٿيندي ۽ نه ئي معيشت، گهٽ تعداد جي باوجود پ پ پ ڪهڙي بنياد تي سينيٽ اليڪشن کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، ٿرپارڪر ۾ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي هراسان ڪيو ويو آهي، ڊسڪه ۾ اليڪشن جو فيصلو جيئن جو تيئن تسليم ڪنداسين، (ن) ليگ ماڊل ٽائون ۽ فيصل آباد مان تشدد جي سياست متعارف ڪرائي، ڌمڪي، طاقت ۽ لالچ جي سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، جمهوريت جا اصل ثم?? حقيقي نمائندن جي ذريعي سامهون اچي سگهندا، سيني?? جي چونڊن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي، پي ٽي آءِ نه پر ٻين پارٽيون تشدد جي سياست شروع ڪئي، ڪي پي ڪي ۽ نوشهره ۾ پرامن چونڊون ٿيون، ??شدد جي ڪلچر کي تبديل ڪنداسين، ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت حيلم عادل شيخ سان جيڪو به رويو اختيار ڪيو، اهو مذمت جوڳو آهي، اهو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي طرف وٺي وڃي ٿو، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر ۽ بي باڪ سنڌ اسيمبلي ميمبر، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ عمران خان جو سپاهي آهي، سنڌ حڪومت جي نااهلين ۽ ڪرپشن جي نش??ندهي تي سندس فارم هائوس کي منع نامي باوجود ڪيرايو ويو، حليم عادل شيخ تي حملو ڪري تشدد جو نش??نو بڻايو ويو، سنڌ حڪومت پوليس جي اختيارن کي به غلط طريقي سان استعمال ڪيو.
حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نشاندهي تي سزا ڏني پئي وڃي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی