اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بازارن ۽ جانورن جي منڊين ۾ رش کان پا??و ڪرڻ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، جيڪڏهن وڌيڪ احتياط ڪنداسين ته ان وبا کي مڪمل شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. صدر ??يو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اها حڪومت ??ي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ شهرين پا??ان ڪورونا وبا کان بچاءُ جي ضابطن تي عملدرآمد جي ڪري ممڪن ٿي آهي. هن ??يو ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس ۾ اضافو ٿيو. پاڪستان ۾ ان وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. 30 جون کان ان ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. هن ??يو ته ماڻهن ??يو ته موسم جي صورتحال جا وبا جي شدت تي اثر پوندا پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان تي الله جو احسان آهي، حڪومت لاڪ ڊائون ۽ غريب جي لاءِ پاليسيون اختيار ڪيون. ماڻهن کي احساس پروگرام ذريعي رقم فراهم ڪئي وئي ته جيئن اهي گهرن ۾ رهي ايس او پيز تي عمل ڪري سگهن، حڪومت پا??ان جوڙيل ايس او پيز تي عمل ذريعي تراويح نماز ۽ عبادتن جو سلسلو جاري رهيو.
حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ضابطو آڻي ورتو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ