ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18 هين آئيني ترم??م جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمورن ??وبن جي مشاورت سان انهن بي ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن گو??نر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن ??ان واڳيل سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته شروع ۾ ئي اين سي او سي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمورن ??وبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي خاص طو?? تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن ??و فڪر هو.
18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس