رحيم يار خان – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته صادق آباد ۾ آر ايل اين جي جي پهچ ۽ فراهمي جو ??نصوبو عام ماڻهو کي نظر نه ٿو اچي پر پاڪستان جي ترقي ۽ توانائي جي مسئلن جي حل ۾ تمام وڏو ڪردار رکندڙ آهي، هي اهو منصوبو آهي ??يڪ?? پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي گئس فراهم ڪري ٿو، اضافي گئس فراهم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جا توانائي جا مسئلا حل نه پئي ٿي سگهيا، ??وئ?? نادرن ۽ ??وئ?? سدرن گئس ڪمپنين جي انتظاميا، آفيسرن ۽ اسٽاف اُهو ڪم ڪيو آهي ??يڪ?? وڏا وڏا ترقي يافته ملڪ به نه ٿا ڪري سگهن ۽ انهن جي ڪا ڀيٽ نه آهي، پوري دنيا اها ڳالهه تس??يم ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ سڀ کان سستي ايل اين جي گئس د??تي??ب آهي، مستقبل ۾ به محمد نواز شريف جي ويزن موجب ترقي جو سفر جاري رهندو. صادق آباد ۾ آر ايل اين جي جي پهچ ۽ فراهمي جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ان کان اڳ ملڪ جي تاريخ ۾ 42 انچ جي پائيپ لائين نه وڌي وئي هئي ۽ اڄ 1400 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين وڌي وئي آهي جنهن ۾ 700 ڪلوميٽر جي 42 انچ جي پائيپ لائين به موجود آهي.
صادق آباد آر ايل اين جي منصوبو توانائي جي حل ۾ وڏو ڪردار رکندڙ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ