اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي 10 سال پراڻي مالي معاملن جو حساب پيش نه ڪري سگهيو اهو وز??راعظم ۽ سندس خاندان کان 70ع جي ڏهاڪي جو حساب گهري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري مملڪتي وز??ر چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ آڏو تسليم ڪيو ته وٽس لنڊن فليٽ?? جي وڪري کان اڳ جي پنهنجي ٽيڪس ريٽرنز جو رڪارڊ نه آهي ۽ پوري ڪوشش جي باوجود هو ان کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جڏهن ته ا?? جي باوجود عمران خان چاهي ٿو ته سپريم ڪورٽ کيس ان حوالي سان بري الذمه قرار ڏي. مريم اورنگزيب ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ طرف ته عمران خان چاهي ٿو ته وز??راعظم ۽ سندس خاندان کي رڪارڊ جي غيرموجودگي تي سزا ملي جڏهن ته ٻئي طرف هو ان ئي حوالي سان پاڻ لاءِ ڇوٽ گهري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین