اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته شاهراتي نيٽ ورڪ جي مڪمل ٿيڻ سان اندروني ۽ علائقائي رابطن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ واپاري ۽ صنعتي سرگرم??ون وڌنديون. ڪالهه خميس ڏينهن هتي وزيراعظم ها??وس ۾ نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي طرفان مختلف موٽر ويز ۽ روڊن جي منصوبن تي عملدرآمد جي جائزي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم اين ايڇ اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته روڊن جي وڏي انفراسٽرڪچر منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو وڃي. سم??را روڊ بين الاقوامي معيار موجب بڻايا وڃن ۽ ٺيڪو ڏيڻ ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبا ماڻهن کي روزگار جا هزارين موقعا فراهم ڪري رهيا آهن جنهن جي تڪميل سان اس??ن جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ ن??ون راهون کلنديون.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب