اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چي?? آهي ته موجوده حڪومت جي پاليسين ڏيوالپڻو ٿيندڙ معيشت ۾ نئين جان وجهي ڇڏي آهي، سياسي مخالف اقتصادي ڪارڪردگي سبب شڪست کان ڊنل آهن، مخالفن کان ملڪي ترقي هضم نه پئي ٿئي. اسلام آباد ۾ ايف پي سي سي آءِ ڪيپيٽل هائوس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته نائن اليون کانپوءِ ان وقت جي حڪمرانن غلط فيصلا ڪيا جن سان معيشت کي هڪ سئو ارب ??ال?? کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو پر اسان ڏيوالو ٿيندڙ معيشت کي نئين جان ڏئي ڇڏي آهي. 2013ع ?? مرڪزي بئنڪ وٽ ٽي ارب ??ال?? جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا هئا جڏهن ته هاڻي سمورين بئنڪن جا مجموعي ذخيرا 24.5 ارب ??ال?? آهن جيڪي 6 مهينن جي درآمدي ب?? جي ادائيگي جي لاءِ ڪافي آهن. عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جو اندازو هو ته پاڪستان ۾ مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ 5 سال لڳندا پر اهو ه??ف ٽن سالن ۾ حاصل ڪيو وي?? آهي.
حڪومت جي پاليسين معيشت ۾ جان وجهي ڇڏي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا