اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين فا??ماسيوٽيڪل روانگي واپار جي موجوده ڪاٿي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت ۽ پاڪستان فا??ماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن کي چ??و آهي ته فا??ماسيوٽيڪل روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ فوري طور تي ٺوس تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جيئن ان جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. صدر اها ڳالهه هتي ايوان صدر ۾ پاڪستان فا??ماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي نمائندن پاران پريزنٽيشن جي صدارت ڪندي چئي. صدر صحت جي عالمي تنظيم جي گهرجن کي پورو ڪرڻ ۽ عالمي منڊي ۾ فا??ماسيوٽيڪل روانگي واپار جي سهولت لاءِ ضروري سرٽيفڪيشن فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ فيڊرل ڊرگ سرويلينس ليباريٽري کي جلد فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق