گڏيل قومون -20 جون (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ ٻين سوسائٽي جي ميمبرن کي خاموش ڪرايو پيو وڃي. جرمن نشرياتي اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني حقن جي لاڳاپيل معاملن جي سربراهه فولڪر ترڪ انساني حقن جي ڪائونسل جي نئين سيشن جي آغاز تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انساني حقن سان واڳيل ادارن ۽ ماڻهن ??اءِ مسئلا پيدا ڪندڙن ۾ خود انهن جي آفيس جي مدد ڪندڙ به شامل آهن.هن گڏيل قومن جي سوسائٽي جي ميمبرن خلاف مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ پرتشدد واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خاص طور تي اهي تنظيمون ۽ فرد سخت ڏکيائين ۾ آهن جيڪي گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي مدد ڪندا آهن. هن چيو ته 47 رڪني انساني حقن جي ڪائونسل جا ڪيترائي ميمبر ملڪ به اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهن. گڏيل قومن سان سهڪار ڪندڙ فردن تي حملا سول سوسائٽي تي غير معمولي اثر ڇڏي رهيا آهن. هن ??ڌايو ته ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش طرفان به 13 اهڙيون رپورٽون به جاري ٿي چڪيون آهن جن ۾ 77 م??ڪن ۾ 700 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ انساني حقن جي محافظن خلاف ڌمڪين ۽ تشدد بابت ٻڌايو ويو آهي.
سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سول سوسائٽي سان ناڪاري سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر