ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي اق??يت?? برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اها ڳاهه هتي گورنر هائوس ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته موجوده حڪومت کي فخر آهي ته اق??يت?? جي مسئلن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اق??يت?? سان تعلق رکندڙ تقريبن 19 هزار وفاقي ملازم مختلف اسڪيلز تي مقرر آهن، هن اق??يت?? ملازمن کي اڳئين درجن ۾ وڌيڪ ترقين ل??ءِ تربيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سي ايس ايس جو خصوصي امتحان جلد منعقد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان مان سيٽن جو بيڪ لاگ ڀري سگهجي. ان موقعي تي ايف پي ايس سي جي چيئرمين صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي کي ايف پي ايس سي جي سالياني رپورٽ 2020ع به پيش ڪئي.
صدر پاران اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : apostas quina