گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذريعي ڪرايون وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊون به اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوجرانوالا ۾ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ??ن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ـ صاف سٿري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون آهن، پر پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزير??عظ?? عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ?? ٻين شين جو فيصلو ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پو??ا ڪري رهي آهي.
پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ جو حق به ملندو: ڊاڪٽر شهباز گل
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ