اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريبن جو و??چو??ل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم ??مران خان اسلام آباد مان شرڪت ڪئي، تق??يب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي ??زير شبلي فراز، توانائي واري وفاقي ??زير عمر ايوب خان، وفاقي ??زير حماد اظهر، ??يٽ??مڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ??يٽ??مڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين وزيراعظم ??مران خان جو تق??يب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ??يٽ??مڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تق??يب کي و??چو??ل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي جي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ڏنو. چائنا ??يٽ??مڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرار ڏنو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پلانٽ جديد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پلانٽ آهي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي جديد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين سهولتون شامل آهن.
وزيراعظم پاران ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔