اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪيمشن جي هر فيصلي کي قبول ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ چ??و ته ووٽ دائمي طور تي سيڪريٽ نه ٿو رهي سگهي، اها حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي سوچ جي تائيد آهي، اليڪشن ڪميشن کي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته اليڪشن شفافيت سان ٿين، وزيراعظم عمران خان به اهو چاهي ٿو ته اليڪشن شفاف طريقي سان ٿين، سينيٽ اليڪشن ۾ شفافيت جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چ??و ته مخالف جي ٻن وڏين پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي ميثاق جمهوريت ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو هو ته سينيٽ اليڪشن شو آف هينڊز ذريعي ٿيڻ گهرجن پر روايت موجب انهن پنهنجي مطالبي جي نفي ڪئي. هن چ??و ته اڄ مخالف ڌر اهو سمجهي رهي آهي ته انهن جي موقف جي تائيد ٿي آهي پر حقيقت ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ووٽ دائمي طور تي ڳجهو نه ٿو رهي سگهي، اهو هڪ وڏو قدم آهي. هن چ??و ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اها ڳالهه يقيني بڻائڻي پوندي ??ه اليڪشن پوري طرح شفاف ٿين ۽ ان ۾ ڪو غيرقانوني ڪم يا ميمب??ن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿئي ۽ نه ئي ڪو به اهڙي قسم جو ذريعو جنهن سان اليڪشن متاثر ٿي سگهي ٿي ان جو خاتمو ڪيو وڃي. وفاقي و??ير چ??و ته شفاف اليڪشن جي لاءِ ڪا ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ بابت فيصلو هڪ وڏو ۽ خوش آئنده فيصلو آهي، ٽيڪنالاجي و??ضح ڪرڻ مان مراد اها آهي ته اليڪشن ۾ هر اهي و??يلا استعمال ڪيا وڃن جن سان اليڪشن شفاف ٿي سگهي.
سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪيمشن جي هر فيصلي کي قبول ڪريون ٿا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری