اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪورونا وائرس بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفورس جي ذميداري ۾ شامل آهي، ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز ج??ري ڪيا ويندا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فورس جا رضاڪار ڪم ڪندا، ڪ??ين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ به رضاڪار ??ورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، پاڪستان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪورونا جي ڪري ٽيڪس وصو??ين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪومتن جي قرضن تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ڪورونا ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena