ڪهوٽا – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مان بجلي ۽ گئس جي کوٽ ختم ڪئي وئي آهي، جيڪي منصوبا سالن کان مڪمل نه ٿيا هئا انه?? کي مڪمل ڪيو، اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪ جي خودمختياري جو سودو ڪرڻ کانسواءِ معيشت کي مضبوط ڪيو، مسلم ليگ (ن) جا ڪم ڪنهن کان به لڪل نه آهن، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، 2018ع جي عام چونڊن ۾ به عوام نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) کي سرخرو ڪندي، راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي مانسهره کان ميرپور تائين مو??روي جي منصوبي سان ڳنڍيو ويندو، ان سان پورو علائقو ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۽ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن ڪهوٽا جي عوام ??ا ٿورا مڃيا جنهن جلسي جو اهتمام ڪيو.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں