يوڪاهاما – 07 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر ا??حا?? ڊار جاپاني ڪمپنين تي زور ڀريو آهي ته اهي پاڪستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن، پاڪستان ۾ ڪم ڪ??دڙ جاپاني ڪمپنيون شاندار ??نا??عي ۾ هلي رهيون آهن. هو جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير تارو آسبو سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو جنهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آ?? گورنرز جي 50 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان جاپاني هم منصب کي آگاهه ڪندي ا??حا?? ڊار دنيا کي وڏي پيشيواراڻي سروسز فراهم ڪ??دڙ فرم پي ڊبليو سي پاران تازو ئي جاري ڪيل رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان 2030ع تائين جي 20 جو ميمبر هوندو، جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم پاڪستان ۾ حڪمران پارٽي جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل شعبي سميت ٻين شعبن ۾ جاپاني ۽ عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن.
جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : ریل رش