اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته چين پاڪ??تا?? اقتصادي راهداري (سي پيڪ) رٿا پاڪ??تا?? ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، پاڪ??تا?? چين سان گهري صنعتي تعاون جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير دي باو فورم فار ايشيا جي سالياني ڪانفرنس 2023ع ۾ شرڪت کان پوءِ بيجنگ پهتو جتي هن پاور چائنا جي صدر چان گوانفو سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ چين جي ڪاروباري ادارن جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? جو عوام ڪڏهن به نه وساريندو ته چين انهن جي ان وقت مدد ڪئي جڏهن پورو ملڪ بجلي جي کوٽ سبب اونداهي ۾ ٻڏي رهيو هو. سي پيڪ توانائي جي رٿا ذريعي پاڪ??تا?? پنهنجي توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پاور چائنا جي پاڪ??تا?? سان پراڻي دوستي ۽ پاسڪتان جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي اهم منصوبا شروع ڪيا آهن جن ۾ پورٽ قاسم ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس، حويلي بهادر شاهه ۾ آر ايل اين جي پاور پلانٽ ۽ داد ونڊ پاور پراجيڪٽ شامل آهن. هن پاور چائنا کي شمسي توانائي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني جنهن لاءِ حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شروع ڪرڻ جي لاءِ خاص قدم کنيا آهن. هن پاور چائنا کي حڪومت طرفان منصوبن تي عملدرآمد ۽ سڀئي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان بعد چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي چيئرمين مسٽر ڊوفي وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. وزير ??ين پاڪ??تا?? اقتصادي راهداري جي اهميت تي زور ڀريو، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) جو اهم منصوبو آهي جيڪو گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪ??تا?? م بنيادي ڍانچي کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيو آهي. هن پاڪ??تا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي م رابطي جي منصوبن جي ڪردار تي به روشني وڌي. ان سلسلي ۾ هن 1966ع ۾ ڪي ڪي ايڇ جي تعمير کان وٺي 18-2017ع ۾ حويليان-ٿاڪوٽ موٽر وي جي تعمير تا??ين پاڪ??تا?? ۾ اهم ٽرانسپورٽ ۽انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ سي آر بي سي جي سهڪار جو اعتراف ڪيو. وفاقي وزير تجويز ڪيل ڪراچي ڪوسٽل ڪمپري هينسو ڊولپمينٽ زون منصوبي جي آجيان ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ 3 بلين ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري، بابوسر ٽنل پراجيڪٽ، ن??ين ڪراچي حيدرآباد موٽر وي الائمنٽ (ايم نائين) جي لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ۽ ٻيا اهم پروجيڪٽ شامل آهن. وفاقي وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي منصوبا سياحت، آءِ ٽي، بندرگاهن، جهاز راني ۽ خدمتن لاءِ اڀرندڙ مرڪز طور ڪم ڪندا ڇو ته ان سان باصلاحيت نوجوانن لاءِ هزارين نيون ملازمتون به پيدا ٿينديون. هن تجويز ڪيل منصوبن جي ڪامياب لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. وفاقي وزير چين ۽ پاڪ??تا?? وچ ۾ خصوصي دوستي ۽ مضبوط ڀائيچاري تي به روشني وڌي جيڪا وقت جي آزمايل ۽ لازوال آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ڏني ويندي ۽ اسان جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوام جي رابطن کي هٿي ڏني ويندي ته جيئن اسان جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ۽ هڪ ٻئي جي ملڪن جي ڀرپور تاريخ، قدرتي خوبصورتي ۽ ثقافتي ورثي کي ڳولڻ لاءِ هٿي وٺرائي سگهجي. چيني ڪمپني جي نمائندن سي پيڪ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ وفاقي وزير جي سهڪار کي ساراهيو ۽ سي پيڪ سهڪار کي اڳ??ين مرحلي ۾ وٺي وڃڻ ۾ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. هن ڪمپنين جي خدشن کي ختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن کين يقين ڏياريو ته وزيراعظم شهباز شريف ذاتي طور سي پيڪ منصوبن جي اڳڀرائي جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ن??ين حڪومت ان ئي رفتار کي بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جنهن رفتار سان 18-2013ع ۾ سي پيڪ اڳتي وڌي رهيو هو.
وفاقي وزير احسن اقبال طرفان پاور چائنه ۽ چائنه روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي سربراهن سان ملاقاتون، سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ چين جي واپاري ادارن جي سهڪار جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا