اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ني??نل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي م??يار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير ني??نل پوليس اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي م??ائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دوران تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي م??يار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته ني??نل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ا??ار?? بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته ني??نل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ ??هش??گردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير ني??نل پوليس اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن آفيسرن کي عملي تربيت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ني??نل پوليس اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عمل??ار?? شرڪت ڪئي ۽ ا??ار?? کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته ني??نل پوليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي م??يار جو ا??ار?? بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻ??ن ملڪن جا آفيسر به هتي تربيت لاءِ اچي سگهن.
وفاقي گهرو وزير پاران نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دؤرو، اپ گريڊيشن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس