اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان واڳيل آهي، 2025ع پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال ??هي، ملڪي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو، اسمگلنگ ۾ گهڻي گهٽتائي ??ئي، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ ۾ بلند ترين ۽ 2018ع کانپوءِ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي آهي، دهشتگردي ٻيهر ڪَر کڻي رهي آهي، ان جو ڪنڌ ڪچلڻو آهي، ان کانسواءِ اسان اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي 11هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي سربراهه، وفاقي ۽ صوبائي ??ڪومتن جي آفيسرن کي نئين سال ??ي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال پاڪستان جي عوام جي لاءِ خير ۽ برڪت جو سال هوندو ۽ ايندڙ ڏينهن ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد آڻيندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 2018ع کانپوءِ مهانگائي 4.1 سيڪڙو جي گهٽ ترين سطح تي آهي، ٻاهرئين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 5 مهينن دوران گذريل سال ??ي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ملڪي روانگي واپار وڌيو آهي، غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذ??يرا 4 ارب ڊالر کان وڌي ساڍا 12 ارب ڊالر تي پهچي چڪا آهن، بئنڪن جو پاليسي ريٽ 13 سيڪڙو تي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي ??ي گنجائش موجود آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح تي ڇُهي رهي آهي، سمورا معاشي هدف ۽ اشارا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هي سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندو شرط اه?? آهي ته اسان ڏينهن رات محنت ڪندي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو وچن ڪريون. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت کي ساڍا 9 مهينن دوران اندروني ۽ ٻاهرئين خلفشار کي منهن ڏيڻو پيو، اسان حڪومت سنڀالي ته بي پناهه چئلينجز اسان جي آڏو هئا پر گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن سان انهن چئلينجز جو مقابلو ڪيو ۽ الله اسان جي مدد ڪئي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته چانور جي برآمدات جي مد ۾ 4 ارب ڊالر جڏهن ته کنڊ جي روانگي واپار جي مد ۾ اڌ ارب ڊالر قومي خزاني ۾ آيا، کنڊ جي ملڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ پيداوار هئي ??نهن جي ڪري اسان ان کي برآمد ڪري سگهياسين، ان کانسواءِ اسمگلنگ تي ضابطو آندو ويو جنهن جي ڪري اها کنڊ اسمگل ٿيڻ بدران برآمد ڪئي وئي، اسمگلنگ تي 100 سيڪڙو ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، آئل جي اسمگلنگ ۾ پڻ خاطرخواهه گهٽتائي ??ئي ??نهن سان وڏي سپورٽ ملي. وزيراعظم وچ ايشيائي ??ياستن ۾ پاڪستان جي لاءِ وڏن موقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته آذربائيجان ۽ ازبڪستان سميت وچ ايشيائي ??ياستن سان اسان جا بهترين لاڳاپا آهن، اه?? پاڪستان سان رابطن ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جا خواهشمند آهن، اين ايل سي هاڻي ماسڪو تائين ڪارگو کڻي کڻي رهي آهي ۽ سمورن اترئين علائقن کي ڪور ڪري رهي آهي، سعودي عرب، يو اي اي ۽ قطر سان اسان جا بي ٽو بي معاهدا ۽ ايم او يوز ٿيا آهن، ان ۾ اسان کي تيزي سان اڳتي وڌڻو آهي، ترقي ۽ خوشحالي جو سفر تڏهن ئي ??ئي ٿيندو جيڪڏهن ملڪ ۾ استحڪام هجي، معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، معاشي استحڪام سان سياسي استحڪام ايندو، اسان کي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻو پوندو، ان کانسواءِ ڪو آپشن نه آهي، بجلي جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ??ي لاءِ ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي، اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪس چوري کي روڪڻو پوندو، پرائيويٽ بئنڪن گذريل ٻن ٽن سالن ۾ تمام گهڻو منافعو ڪمايو، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ عملدارن اي ڊي آر جي ذريعي 72 ارب رپيا وصول ڪيا جيڪي قومي خزاني ۾ اچي چڪا آهن. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪراچي پورٽ تي فيس ليس ڪليئرنس شروع ٿي وئي ??هي، ان سان ڪنٽينرز جي ڪليئرنس جي وقت ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي ??ئي ??هي، 88 سيڪڙو ڪاروباري برادري ان کي ساراهيو آهي، ان سان بيڪ لاگ پڻ ڪليئر ٿيو آهي ۽ رش ۾ پڻ گهٽتائي ??ئي ??هي. وزيراعظم معاشي ڪاميابين کي ٽيم ورڪ جو نتيجو قرار ڏيندي چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو آهي، ڏينهن رات محنت ڪنداسين ته عالمي دنيا ۾ پاڪستان ڳاٽ اونچو ڪري هلي سگهندو. وزيراعظم معاشي ڪاميابين کي امن تي دارومدار قرار ڏيندي چيو ته سيڪيورٽي هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، افغانستان ۾ عبوري حڪومت کانپوءِ بي شمار ماڻهو ڇڏي ويا، پارليامينٽ ۾ ان حوالي سان جيڪو بحث ٿيو اه?? سڀني جي سامهون آهي، بهرحال ??يڪو ٿيڻو هو ٿي ويو، هاڻي اه?? چئلينج ٻيهر سامهون ڪَر کڻي بيٺل آهي، ان کي چيڀاٽڻ کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته جهڙي طرح اه?? پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، ان کان وڌيڪ ڪا قرباني نه ٿي ٿي سگهي، پوري قوم انهن قربانين جي معترف آهي، روزانو ڪو نه ڪو واقعو ٿئي ٿو، قربانين جا لازوال ??استان لکجي رهيا آهن. وزيراعظم پارا چنار ۾ معاهدي کي خوش آئنده قرار ڏيندي ان ۾ ڪردار ادا ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي طرفن کان سوين ماڻهو ماريا ويا، اهڙا واقعا ٻيهر ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجن، ان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي فيصلا ڪريون.
معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان واڳيل آهي، 2025ع پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال آهي، اسمگلنگ ۾ گهڻي گهٽتائي آئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت