اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي دلي مبارڪ پيش ڪندي ??يو آهي ته ڪرسمس انسانيت لاءِ هڪ آفاقي پيغام آڻي ٿي ۽ سمورن مذهبن جي مڃيندڙن کي محبت، سخاوت، رحم، اتحاد ۽ اميد جي ترغيب ڏياري ٿي. ڪرسمس جو ڏينهن حضرت عيسيٰ جي ولادت جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، اوه??ن جي محبت، همدردي ۽ امن جو پيغام اڄ به اس??ن جي حوصله افزائي ۽ رهنمائي ڪري رهي آهي، هي آفاقي پيغام اسان کي هڪ جامع ۽ پر امن معاشرو قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ م??ن جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ ??يو ته پاڪست??ن جو آئين سمورن شهرين کي سندن مذهبن جي بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ کين عبادت ڪرڻ ۽ پنهنجي عقيدن مطابق زندگي گذارڻ جي آزادي ڏئي ٿ??. ق??ئداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي پاڪست??ن جو تصور ڏنو جتي سمورن مذهبن جا ماڻهو برابري جي بنياد تي ترقي ڪري سگهن، قومي يڪجهتي ۽ ترقي لاءِ سمورن شهرين جي حقن جي پاسداري اڻٽر آهي. اڄ جي ڏينهن اسان پاڪست??ن جي ترقي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار جو به اعتراف ڪيون ٿا، هنن تعليم، صحت، ڪميونٽي سرو??، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن. مسيحي برادري جو ڪردار اس??ن جي قوم جي مختلف مذهبن جو ثبوت آهي ۽ اهو سبب سڀني پاڪستانين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن ??يو ته اچو اسان سڀ مذهبي هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ عهد جي تجديد ڪيون، اسان کي عدم برداشت ۽ اڻ برابريءَ سلوڪ جي حوصله شڪني ڪرڻي پوندي ۽ ا?? ڳالهه کي يقيني بنائڻو پوندو ته پاڪستان ۾ هر شخص جي عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ۽ هو پاڻ کي محفوظ تصور ڪري. ڪرسمس جو ڏڻ اسان کي درس ڏئي ٿو ته ضرورتمندن سميت هڪ ٻئي طرف دوستي ۽ يڪجهتي جو هٿ وڌايون. اچو اسان ان ئي جذبي کي کڻي سڄي سال امن، انصاف ۽ همدردي تي ٻڌل معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. دعا آهي ته هي ڪرسمس اس??ن جي مسيحي برادري لاءِ خوشي، خوشحالي ۽ اميد کڻي اچي.
ڪرسمس سمورن مذهبن جي مڃيندڙن کي محبت، سخاوت، رحم، اتحاد ۽ اميد جي ترغيب ڏياري ٿي: صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت