اس??ام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن کان رهتن جي ٻي قسط جي وصولي جو عمل خميس کان شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب مذهبي معاملن واري وزارت جي عملدارن حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته هو حج رهتن جي ٻي قسط نامزد بئنڪن ۾ 19 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪ??ائين. حج رهتن جي ٻي قسط 4 لک روپيا آهي جڏهن ته اختياري سهولتن جا اضافي خرچ به ٻي قسط سان گڏ جمع ڪ??ائڻا پوندا. ان مرحلي تي بئنڪ کان پيڪيج تبديل ڪرائي سگهجي ٿو. 4 کان 6 ماڻهو فيملي روم، شيئرنگ روم يا سنگل ماڻهن لاءِ اختياري ڊبل بيڊ (في حاجي) 2 لک 59 هزار روپيا، اختياري ٽرپل بيڊ في حاجي 86 هزار 500 ۽ قرباني جا 55 هزار 500 روپيا جمع ڪ??ائڻا پوندا. ترجمان چيو ته ڪامياب حج پانڌيئڙا رهتن جي ٻي قسط 27 ڊسمبر تائين لازمي جمع ڪ??ائين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج