اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) و??پا?? واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن لاءِ و??پا??ي مرڪز بڻجندو، تاجڪستان سان ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين. اهڙو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ پاڪستان- تاجڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ و??پا?? جي حقيقي صلاحيت مان فائدو نه کنيو ويو، بزنس فورمز ۾ و??پا?? کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪنداسين. هن چيو ته تاجڪستان لاءِ پاڪستاني شيون بهترين معيار جون آهن، پاڪستاني صنعت اعليٰ معيار جي انجنيئرنگ سامان، ٽيڪسٽائل ۽ سرجيڪل اوزار تيار ڪري رهي آهي، اسان جي آءِ ٽي روانگي و??پا?? عالمي سطح تي نمايان ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت آءِ ٽي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن جن جا ثمر آڏو اچي رهيا آهن. ڄام ڪمال چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامون و??پا?? کي وڌيڪ آسان بڻائينديون. هن چيو ته پاڪستاني بندرگاهون تاجڪ آمدني و??پا?? لاءِ بهترين سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي. وچ ايشيائي ملن سان و??پا??ي ميلن ۾ شرڪت کي آسان بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته معيشت جا اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن. ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ ساز??ار ماحول پيدا ڪيو پيو و??ي ۽ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن جي رهنمائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جو فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري لاءِ اهم آهي، اهڙيءَ طرح جي بزنس ٽو بزنس فورم?? لڳاتار هلڻ گهرجن.
پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن لاءِ واپاري مرڪز بڻجندو: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ