اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير منشور کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران آزاد ڪشمير جي لاءِ ترقياتي ايجنڊا جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙو اعلان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد ب??جيس طاهر ۽ اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خصوصي ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي سان گڏ ڪالهه سومر ڏينهن ??شمير هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير چوڌري محمد ب??جيس طاهر چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي عوام جي خدمت ۽ ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس چونڊ منشور تيار ڪيو آهي، هي اهي عملي قدم هوندا جن کي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ عملي جامو پارايو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں