ڪ??نب??ا- 20 آگسٽ (اي پي پي) آسٽري??يا ۽ انڊونيشيا وچ ۾ دفاعي معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پرڏ??هي ادار?? موجب ٻنهي ملڪن نئين دفاعي معاهدي تحت ايشيا – پيسفڪ خطي ۾ ويجهي سهڪار جو عهد ڪيو آهي. گڏيل مشقن جو اهو معاهدو انڊونيشيا جي دفاع واري وزير ۽ نئين چونڊيل صدرپرابووسونيانٽو جي آسٽري??يا جي دوري دوران طعي ٿيو. ان موقعي تي انڊونيشيا جي سربراهه ملڪ جي زراعت، خوراڪ جي شعبن ۽ منشيات جي عالمي اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آهي. آسٽري??يا جي دفاع واري وزير رچرڊ مارلس چيو ته دفاعي معاهدو جنهن تي ايندڙ وقت ۾ باضابطه طور صحيحيون ڪرڻ جي اميد آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻي تائين ٿيل سڀ کان وڌيڪ اهم معاهدن مان هي هڪ اهم معاهدو آهي. آسٽري??يا جي وزير اعظ?? انٿوني البانيز چيو آهي ته هي معاهدو اسان ٻنهي ملڪن جي سلامتي جي حمايت لاءِ اهم ثابت ٿيندو.
آسٽريليا ۽ انڊونيشيا وچ ۾ دفاعي معاهدي تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ