واشنگٽن – 02 جولائي (اي پي پي ) گذريل سال 7 آڪٽوبر جي حملي ۾ مارجي ۽ زخمي ٿيل اسرائيلي شهرين جي ڪٽنبن آمريڪي عدالت ۾ ايران ، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. جرمني جي ڊي پي اي نيوز جي رپورٽ موجب ڪيس ۾ دعوى ??ئي وئي آهي ته ڄاڻايل ملڪن ان حملي ۾ فلسطيني هٿيار بند ??رو?? جي حمايت ??ئي هئي. رپورٽ موجب واشنگٽن جي هڪ وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب ايران شام ۽ اتر ڪوريا اسرائيل تي حملي لاءِ مالي مدد ۽ وسيلا فراهم ڪيا. اسرائيل نواز اينٽي ڊيفيميشن ليگ 125 متاثرن ۽ انهن جي ڪٽنب پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ پنهنجي متاثر ڪٽنبن جي اغوا ۽ قتل جي بدلي گهٽ ۾ گهٽ 4 بلين ڊالرن جي معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي. اسرائيلي شهرين جي حق ۾ فيصلو اچڻ جي صورت ۾ متاثر خاندانن کي ڪانگريس پاران دهشتگ??دي جي متاثرن لاءِ قائم آمريڪي فنڊ ??ان معاوضو ڏئي سگهجي ٿو. اهڙي طرح جي ڪيسن تي اد??ئي??ين لاءِ رقم ضبط ڪيل اثاثن ۽ انهن ڪمپنين جي ڏنڊ ??ان ادا ??ئي ويندي آهي جيڪي انهن رياستن سان گڏ غير قانوني ڪاروبار ڪن ٿيون، جن کي آمريڪا دهشتگ??دي جي خاتمي واري قانون تحت دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي .
اسرائيلي شهرين جو آمريڪي عدالت ۾ ايران، شام ۽ اتر ڪوريا خلاف ڪيس، چار ارب ڊالر معاوضي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha