ماسڪو-28 ڊسمبر (اي پي پي)روس ۽ ايران آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ واپار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي فيصلو ٻنهي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جرمن نشرياتي اداري روس جي خابرو اداري جي حوالي سان ٻڌايو ته ايران ۽ روس جي مرڪزي بئنڪن جي گورنرن جو اجلاس ماسڪو ۾ ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل واپار کي آمريڪي ڊالر بدران مقامي ڪرنسين ۾ ڪرڻ جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ان معاهدي کانپوءِ هاڻي بئنڪ ۽ گروپ مقامي ڪرنسين ۾ ڏي وٺ ڪري سگهندا ۽ اهڙو بئنڪاري نظام استعمال ڪري سگهندا جن ۾ سوئفٽ سسٽم گهربل نه هوندو، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته روس جي قيادت ۾ يوريشين اڪنامڪ يونين (يو اي اي يو) جي ميمبرن 25 ڊسمبر تي ايران سان هڪ مڪمل آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. روس کانسواءِ بيلاروس، قزاخستان، ڪرغزستان ?? ارمينيا ان يونين جا ميمبر آهن.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب