اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان شام ۽ الجي??يا جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪ??ون. ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ شام وچ ۾ تاريخي ڀاراڻا لاڳاپا موجود آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهري ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي و??بستگي ڏٺي وڃي ٿي. پاڪستان شام سان لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آ??ي. ??ومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوامي سطح تي رابطن ۾ واڌ ٿيندي. اسپيڪر شام ۾ امن جي قيام ۽ نئين سر تعمير لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي و??جايو ۽ـ چيو ته پاڪستاني زيارتين جو وڏو انگ هر سال زيارت لاءِ شام جو سفر ڪري ٿو. پاڪستاني زيارتين کي سهولتن جي فراهميءَ تي شام جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آه??ون. اسپيڪر دمشق ۽ لاهور وچ ۾ سيرين ايئرويز جي اُڏامن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. شام جي سفير چيو ته شام پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اه??يت ڏئي ٿو. شام جي حڪومت پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، شامي سفير ڊاڪٽر رميز الرائي چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڪووڊ 19 جي و??ا دوران پاڪستان طرفان شام جي ضروري طبي اوزارن ۽ دوائن جي فراهميءَ تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. بعد ۾ اسپيڪر سان الجي??يا جي سفير ابراهيم روماني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. الجي??يا ۽ پاڪستان جي عوام گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ جي اڻٽٽ رشتن ۾ ٻَڌل آ??ي. ??اڪستان پارلياماني ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. سردار اياز صادق چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ انتهائي اه??يت رکي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطا ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان الجي??يا سان اقتصادي، واپاري ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان الجي??يا سميت سمورن آفريقي ملڪن سان پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اه??يت ڏئي ٿو. پاڪستان لُڪ آفريقا پاليسيءَ تحت الجي??يا ۽ ٻين آفريقي ملڪن سان رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. اسپيڪر فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري اسرائيلي ۽ ڀارتي ڏاڍ جي مذمت ڪندي چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير مسئلو جي حل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن جو قيام ممڪن نا??ي. ??سلم ملڪن کي اُمت کي درپيش چئلينجز لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته الجي??يا جي سفير ابراهيم روماني اسپيڪر جي الجي??يا لاءِ تاثرن تي ٿورو مڃيو. پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي. الجي??يا پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان شام ۽ الجيريا جي سفيرن جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará