اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوکائي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي، حڪومت مل??ي گهرج پوري ڪرڻ ۽ قيمتي مٽاسٽا وارو ناڻو حاصل ڪرڻ لاءِ زيتون جي پيداوار تي ڌيان ڏئي رهي آهي. انهن خيالن جو اطهار هن البرڪه پاڪستان اوليو سمٽ 2024ع ۾ خصوصي ??هم??ن طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به شعبي جي و??ڌ ويجهه لاءِ تحقيق وڏي اهميت رکي ٿي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ملڪ ۾ زرعي تحقيق جي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي منڊي ۾ زيتون جي معياري مصنوعات جو روانگي و??پار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان موقعي تي البرڪه پاڪستان اوليو سمٽ 2024ع پاڪستان جي زيتون جي صنعت کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم قومي ۽ عالمي ماهرن، پاليسيون ٺاهيندڙن ۽ صنعت جي رهنمائن کي هڪ پليٽ فارم ??ي گڏ ڪيو. سمٽ ۾ زيتون جي شعبي جي هڪ محفوظ پائيدار ۽ روانگي و??پار لاءِ تيار سپلاءِ چين جي ترقي جي موضوع تي زيتون جي عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان کي هڪ اهم رانديگر طور به اڀرڻ وارين صلاحيتن تي به زور ڀريو ويو.
پاڪستان ۾ زيتون جي پوک لاءِ سازگار ماحول موجود آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ