اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار پنهنجي انتشار جي سفر کي جاري رکيو آهي، ان??ن جو مقصد رڳو اين آر او حاصل ڪرڻ آهي، خيبرپختونخواهه ۾ عوام کي ڪوبه پُڇڻ وارو نه آهي، پرائمري اسڪولن جا استاد احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صوبي جي قيادت رڳو احتجاجي سياست ۾ مصروف آهي، معيشت کي مسدتحڪم ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ا??ان ترقي طرف گامزن آهيون، وزيراعظم 10 نومبر تي عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب روانو ٿي??دو، وزيراعظم ڪوپ 29 اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي خلاف ٻي ون ڊي مئچ ۾ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، قومي ٽيم جي ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حوصلي جوڳي آهي، ڪپتان محمد رضوان وڪيٽ جي پٺيان وڌيڪ ڪئچ ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، پاڪستان ڪرڪيٽ بهتري طرف وڃي رهي آهي، انگلينڊ جي خلاف تيسٽ سيريز ۾ فتح کانپوءِ هاڻي آسٽريليا جي سرزمين تي آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽڻ مثبت ۽ حوصلي جوڳو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندي، پوري قوم ۽ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 10 نومبر تي سعودي عرب روانو ٿي??دو ۽ غزه ۾ ڪيل ظلمن جي خلاف ٿي??دڙ رياض سمٽ ۾ شرڪت ڪندو، رياض سمٽ ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي??دي، عرب ملڪن ۽ مسلمان ملڪن جا سربراهه رياض ۾ گڏ ٿي رهيا آهن ته جيئن هڪ زبان ٿي غزه ۽ فلسطين جي معاملي تي حڪمت عملي ٺاهي وڃي ۽ اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ ان حوالي ??ان ڪو حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم هر فورم تي فلسطين جي معاملي تي آواز اٿاريو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي تقرير کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويو، وزيراعظم ڪوپ 29 جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. هن چيو ته فلسطين جا ميڊيڪل شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، 200 کان وڌيڪ ميڊيڪل جا شاگرد پاڪستان اچي چ??ا آهن، وزيراعظم ان??ن ??ان ملاقات پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي امدادي سامان غزه موڪليو ويو، عالمي دنيا ۾ غزه ۽ فلسطين جو معاملو جنهن موثر طريقي ??ان اٿاريو ويو آهي اهو ا??ان جو فرض آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته آذربائيجان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، آذربائيجان اهڙو ملڪ آهي جتي پاڪستاني جهنڊا لڳل نظر ايندا آهن، اتان جي عوام پاڪستان بابت تمام سٺا تاثر رکي ٿي، آذربائيجان دوست ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار پنهنجي روش تي قائم آهي، تحريڪ انتشار رڳو اين آر او جي لاءِ ملڪ ۾ انتشار ڦهلائي رهي آهي، ڪوئيٽا ۾ ان??ن کان ماڻهو گڏ نه ٿيا ته بهانو ٺاهيو پيو وڃي ته انتظاميا پاران اجازت نه ملي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير قومي ايشوز ۽ امن امان جي صورتحال تي غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، صوبي ۾ نوجوانن جي معاملن تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، تعليمي نظام تباهه حال آهي، ان??ن جو سڄو فوڪس ڇڪتاڻ، جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن تي ۽ پنهنجي ليڊر کي جيل مان آزاد ڪرڻ جي لاءِ آهي. ان??ن جي ليڊر تي ڪرپشن جا ڪيسز آهن، ان جو ان??ن کي هر سطح تي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي احتجاج ڪندڙ استادن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، ان??ن جا مطالبا منظور ڪرڻ گهرجن، جڏهن استاد جلوس ڪڍندا آهن ۽ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن ته نه رڳو ان??ن کي روڪيو وڃي ٿو پر ان??ن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته احتجاج ڪرڻ ان??ن جو حق نه آهي، استاد قوم جا معمار آهن، ان??ن جي مسئلن جي حل لاءِ معاملي کي بهتر نموني ??ان حل ڪريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام کان ترقي طرف وڃي رهي آهي، ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، يو اي اي جو وفد سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، يو اي اي جي وفد جي وزيراعظم ??ان اڄ ملاقات ٿي??دي، وزيراعظم جو سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان آهي، ٻنهي طرفن کان ايم او يو تي صحيحون ٿي??ديون، ا??ان جو مٽاسٽا جو ناڻو آڪٽوبر جي مهيني ۾ 3 ارب ڊالر رهيو جيڪو تمام گهڻو حوصلي جوڳو آهي، ا??ان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر جي حد عبور ڪري ويا آهن، پاڪستان جي ڪرنسي ۽ معيشت ڏينهون ڏينهن بهتري طرف وڃي رهي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم ونٽر پئڪيج جي حوالي ??ان تمام وڏو اعلان ڪرڻ وڃي رهيو آهي، مجموعي طور تي ملڪ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي، فارن ايڪسچينج ريزرو بهتر ٿيا ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، ان جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن. وزيراعظم جي معيشت جي حوالي ??ان پاليسي هئي ته ٽيڪس ڪوليڪشن کي بهتر ڪيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي بهتر ڪيو وڃي، ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام جهڙي طرح طئي ٿي?? آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ا??ان ترقي طرف وڌي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوامي جاين تي بدتميزي، گارگند تحريڪ انتشار جي حامين جو شيوو بڻجي ويو آهي، بدتميزي ڪرڻ کانپوءِ شرپسند عنصر سوشل ميڊيا تي معافيون وٺي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار صوابي ۾ جلسو ڪري رهي آهي، اها پنهنجي صوبي ۾ پنهنجو پاڻ کان ڪهڙو مطالبو ڪري رهي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن جو نتيجو 26هين آئيني ترميم تي مُهر آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف چاهيندي هئي ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري پر الله جي فضل ۽ ڪرم ??ان پاڪستان ڊيفالٽ جي خطري کان ٻاهر نڪتو. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف مڪمل طور تي ناڪام ٿي چ??ي آهي. ان??ن جو ڪوئيٽا، لاهور، اسلام آباد سنگجاڻي جو جلسو ناڪام ٿي??، هاڻي پنهنجي ئي تڪ جي ماڻهن کي گڏ ڪري ڪهڙو مطالبو ڪرڻ چاهين ٿا؟ هن چيو ته رياست جا معاملا فارن پاليسي جو حصو هوندا آهن، اڳ ۾ بيانيو ٺاهيو ويو غلامي نامنظور هاڻي جهمريُون پاتيُون پيُون وڃن. ا??ان جا سمورن ملڪن ??ان سٺا لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ ??ان ا??ان جو تعلق ڪنهن ٻئي ملڪ جي قيمت ??ان نه آهي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم جي قيادت ۾ معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سعدوي عرب ??ان معاهدن تي اڳڀرائي جاري آهي، ڪجهه ڪمپنيون پاڪستان اچي چ??يون آهن، معاملا سٺي طريقي ??ان اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته چين پاڪستان دوستي لازوال آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، وزيراعظم چيني س??ار??خاني جو دورو ڪيو، چيني س??ار??ڪار ??ان ملاقات ڪئي ۽ ٻن چيني شهرين جيڪي زخمي ٿيا هئا ان تي تعزيت ڪئي ۽ جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي مثالي آهي ۽ مضبوط حصيداري اهڙي طرح اڳتي وڌي رهي آهي جهڙي طرح ان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، سي پيڪ پاڪستان جي لائيف لائين آهي، سي پيڪ فيز ٽو تيزي ??ان جاري آهي، سمورن شعبن ۾ ا??ان جو تعاون وڌيڪ اڳتي وڌندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ 26هين آئيني ترميم جو مسودو کڻي جيل ويا ته ان??ن کي چيو ويو ته هي ڇا کڻي آيا آهيو، مون کي ٻاهر ڪڍو، ان??ن جو جيل ۾ پڇاڻو ٿي??. پي ٽي آءِ وارا پارٽي جي اندر ريفرنڊم ڪرائي وٺن ته اهي غلام آهن يا نه، ايبسليوٽلي ناٽ هڪ ڪوڙو بيانيو آهي. ان??ن پنهنجي اقتدار جي دور ۾ پاڪستان جي معيشت کي ڪهڙو فائدو ڏنو؟ پاڪستان ۾ ڪهڙا سُڌارا کڻي آيا؟ ان??ن رڳو سوسائٽي کي ورڇ ڪيو، نفرتون ۽ ورڇ پيدا ڪئي ان کانسواءِ ان??ن جي ڪا خدمت نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پيٽرول، اٽو، بجلي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سستا آهن.
تحريڪ انتشار پنهنجي انتشار جي سفر کي جاري رکيو آهي، انهن جو مقصد رڳو اين آر او حاصل ڪرڻ آهي، خيبرپختونخواهه ۾ عوام کي ڪوبه پُڇڻ وارو نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال