اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي جي علائقي جوهان ۾ دهشتگردن طرفان معصوم شهرين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪندي واقعي ۾ ف??ت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن واقعي ۾ ملوث ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ۽ کين ڪڙي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو معصوم شهرين تي بزدلاڻو حملو مذ??ت جوڳو آهي. بلوچستان ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني ڦهلائيندڙ عنصر صوبي جي ماڻهن ۽ ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ناپاڪ حربا حڪومت جي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي واري عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته پ??ڪستان جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل ??اتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف جي جوهان ۾ دهشتگردن جي شهرين تي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino