شينزن -04 جون (اي پي پي) پاڪستاني وفد بزنس ٽو بزنس اجلاس لاءِ چين جي شهر شينزن پهچي ويو، 79 پاڪستاني ڪمپينن جا نمائندا چين جي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندا. پلاننگ ڪميشن جي تر??ما?? مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف به پنهنجي چين جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ شينزن ۾ جديد آءِ ٽي ڪمپنين جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو. ان موقعي تي فضل اسٽيل جي الياس عزيز ملڪ چيو ته اهڙي ٽ??ڪنالاجي متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا جيڪا پاڪستان ۾ بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهي. ان مقصد لاءِ مان چين آيو آهيان. چيني به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا کين هڪ بهترين شراڪتدار جي ضرورت آهي. ??سا?? جي ڪوشش هوندي ته چيني وڌ ۾ وڌ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿئي. سوگو گروپ آف ڪ??پنيز جي عبدالخليق جعفراڻي چيو ته چين جي ترقي ??سا?? آڏو آهي. منهنجي ڏاڏي 1950ع جي ڏهاڪي کان اڳ چين ۾ ڪاروبار شروع ڪيو هو اڄ اتي چوٿون نسل ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان ملڪ ترقي ڪن??و. ??اڪستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو آهي. سولر پينل ۽ انورٽر تيار ڪرڻ جي شعبي ۾ ڪم ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان اندر مينيوفيڪچرنگ ٿيندي ته ان مان وڌيڪ فائدو کڻي سگهبو. موجوده حڪومت جي قدمن عيوض ملڪي ترقي ڪندو، پاڪستان ۾ صنعتون لڳڻ سان ملڪ کي ئي فائدو پهچن??و. ??وٽون برينز جي فيضان فيض چيو ته حڪومت ڪاروباري شخصيتن کي سهولتون ڏئي رهي آهي. پهريان واري شخصيتن کي پنهنجا گراهڪ پاڻ ڳولڻا پوندا هئا. حڪومت طرفان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻين ۾ سهولتن جي فراهمي سٺو سنوڻ آهي، ??سا?? ملڪ ۾ چين جي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ پراميد آهيون.