اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 16 کان 22 جنوري 2024ع تائين ڪمپالا يوگنڊا جو دورو ڪري رهيو آ??ي، جتي هو 17 کان 20 جنوري 2024ع تائين غيروابسته تحريڪ جي مملڪتي اڳواڻن ۽ 19 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آ??ي، ٽيون ڏکڻ سربراهي اجلاس 21 ۽ 22 جنوري 2024ع تي ٿيندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻئي سربراهي اجلاس ميمبرن جي لاءِ عالمي، علائقائي، س??اسي ۽ سماجي اقتصادي مسئلن تي گڏيل موقف تي غور ڪرڻ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. پراڻي ميمبر طور پاڪستان غيروابسته تحريڪ جي ايجنڊا ۾ ڪردار ادا ڪ??و آ??ي ۽ ان کي جوڙيو آ??ي ۽ امن ۽ سلامتي با??ت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن جو جواب ڏيڻ ۾ اين اي ايم جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙي طرح پاڪستان به 77 ۽ چين جو هڪ فعال ميمبر رهيو آ??ي ۽ پائيدار ترقي، غربت جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلين سميت گلوبل سائوٿ جي وچ ۾ تعاون کي اعليٰ ترجيح ڏي ٿو. غيروابسته تحريڪ سربراهي اجلاس ۾ نگ??ان پرڏيهي وزير عالمي امن، س??امتي ۽ ترقي با??ت مقامي ۽ موجوده عالمي چئلينجن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو گهڻ رخي کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اين اي ايم جي ڪردار کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو. سائوٿ سمٽ ۾ نگ??ان پرڏيهي وزير گڏيل چئلينجن تي روشني وجهڻ کانسواءِ خوشحال ۽ گڏيل ڏکڻ جي ايجنڊا تي اتفاق راءِ ڪرڻ جي لاءِ گلوبل سائوٿ جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ تي پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. ٻنهي سربراهي اجلاسن جي موقعي تي نگ??ان پرڏيهي وزير جي ٻين شريڪ ملڪن جي وفدن جي سربراهن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 16 کان 22 جنوري 2024ع تائين ڪمپالا يوگنڊا جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر