اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت پاڪستان جي ٻاهرئين دنيا سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي ان جي مفادن ??ي تحفظ جي لاءِ ڪم جاري رکندا. نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ بيٽ رپورٽرز سان سال جي پڄاڻي تي ڳالهه ٻولهه دور??ن ڪيو. نگران پرڏيهي وزير عالمي پرڏيهي پاليسي جي دائري ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ۽ قيادت جي اعليٰ سطحي دورن تي روشني وڌي جيڪي اهم ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻيا آهن. ان موقعي تي پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ، اخبارن ۽ ٽيليويزن سميت ??يڊ??ا جا نمائندا، اسلام آباد ۾ رهندڙ غيرملڪي نمائندا ۽ پرڏيهي وزارت جا عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي جيڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ڪم جاري رکندا: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔