اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روس سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ روس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊان??لا گاينچ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي حص??دا??ي جو خواهشمند آهي، پاڪستان روس سان واپار، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن سم??ت سم??رن شعبن ۾ تعاون چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ روس لاڳاپا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. صدر غزه جي صورتحال، فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين سم??ت هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئ??. ص??ر پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردار کي ساراهيو. صدر روسي سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
پاڪستان ۽ روس ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا