اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ه??ندي، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه ه??ندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه ه??ندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ، 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي به لاڳو نه ه??ندي، 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي ??نه??جي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن، انهن تي لاڳو هوندي. 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عور?? قيدي جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪيون آهن، انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. 18 سال کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي ??نه??جي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری