لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مختلف پارٽين سان تع??ق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستاني برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي نگران ??زيراعظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي اهميت تي زور ??نو. هن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا ۾ پاڪستاني برادري جي خدمتن کي ساراهيو. نگران ??زيراعظم آجياڻي جي شرڪت ڪندڙن کي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان ??ان ??ائدو کڻڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي اهميت تي زور ??يندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تع??يري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران ??زيراعظم برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري پاران آجياڻي جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس