اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??يو آهي ته اوگرا وا??د اد??رو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو، هو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين جو حصو نه آهي، اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب ??ڌڻ گهرجي. صحافي خليق ڪياني جي هڪ خبر جو حوالو ڏيندي مرتضيٰ سولنگي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ساراهي ٿو ته هن هر هڪ کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ جو چيو. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته هو انهن قياس آرائين جو حصو نه آهي، هڪ پريس ڪانفرنس دوران کانئس پڇيو ويو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟ جنهن ت?? مون وا??ح طور تي چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو بنيادي طور تي تعين عالمي مارڪيٽ جي قيمتن ۽ ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح سان ٿئي ٿو. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير وا??ح ڪيو ته اهو ٻڌائڻ کانسواءِ ته امڪان ويجهو آهي يا نه، مون انهي ڏينهن هڪ شايع ٿيندڙ رپورٽ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. مرتضيٰ سولنگي ??يو ته اهو اوگرا جو اختيار آهي ۽ اوگرا ئي وا??د اد??رو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ته هن ان ڳالهه جو ڪو اشارو ناهي ڏنو جيئن ت?? هڪ قومي انگريزي اخبار ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني ٻنهي کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيل سوال ۽ ان جو مڪمل جواب ??ڌڻ گهرجي، اهو ان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت اعلان ڪري ٿو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون