نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو، حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي خاتمي، صنفي برابري، غذائيت ۽ ما??يا??ي شموليت تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نگران حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهن. بل گيٽس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اولين ترجيح آهي. هن خاص طور تي افغانستان سان سرحد پار منتقلي کي روڪڻ ۽ ڏکڻ صوبي خي??رپختونخواهه ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ نگران حڪومت تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پوليو وائرس جي منتقلي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکندا. هن پاڪستان ۾ غذائيت ۽ ما??يا??ي شموليت ??ي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جدت سان ڀرپُور ۽ تسليم ٿيل طريقن کي سگهه ڏيڻ ۾ نگران وزيراعظم کي حمايت جو يقين ڏياريو. نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس ان ڳالهه تي به خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي ته ڪهڙي طرح انهن ترجيحن ۾ بهتري صنفي برابري ??ي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي صحت، ما??يا?? ۽ مستقبل کي ترجيح ڏئي سگهن ۽ پنهنجي معاشرن ۾ رهنما بڻجي سگهن.
اميد ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria