اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ مقرر افغانستان جي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري چمن اسپن بولدڪ جي علائق?? ۾ ??فغان بارڊر سيڪيورٽي فورسز پاران اشتعال انگيز گولاباري جي تازن واقعن تي پاڪستان پاران سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو جنهن جي نتيج?? ۾ ??اني نقصان ۽ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ کانسواءِ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ڳالهه کي ور??ايو ويو ته شهرين جو تحفظ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ضروري آهي، ان سلسلي ۾ قائم اداراجاتي مڪينزم کي ??ست??مال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب پاڪستان افغانستان ڀائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪ افغان سرحد تي امن ان مقصد جي لاءِ بنياد آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا