اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ت?? وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن جو فيصلو ڪيو ويو. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنسي بچت پلان حتمي منظوري جي ??اءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. سمورن وڏن وزيرن کي به ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ويندو. انرجي بچت پلان تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو ويو، نجي ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي ت??انائي ت?? منتقل ڪرڻ به پلان جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي ت??انائي بچت پلان جو مقصد عوام ۽ معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي ??يمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو درآمدي بل 29 بلين ڊالر ساليانو آهي، رپين ۾ اها رقم 6 کرب رپ??ن کان وڌيڪ آهي، توانائي بچت پلان جي ??تيجي ۾ 13 ب??ين ڊالر ساليانو جي بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب رپ??ن کان وڌيڪ رقم بڻجي ??ي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي ??اءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن جنهن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمورن صوبن کي گڏجي ??يشنل ڪنزرويشن پلان تي عمدلرآمد ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توانائي جي بچت پاڪستان جي بقاءَ جو مسئلو آهي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو، توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت