اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن موجب استصواب را??ِ ذريعي ??شم??ري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون آهن ۽ ٻي طرف والاريل ??شم??ر ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون بند ڪري وٺنديون آهن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيستائين عالمي طاقتون ??شم??ر معاملي تي پنهنجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ??شم??ر جي مسئلي جو حل خطي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ض??وري آهي ۽ ڀارت کي ڌنوس ۽ هٺ ڌرمي کي ترڪ ڪري ??شم??ر جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي منفافقاڻي رويي جي ڪري ??شم??ري مسلمانن جي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽڪيل آهي، وفاقي وزير چيو ته اسان هر مشڪل ۾ پنهنجي ??شم??ري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون را??يگان نه وينديون. هن چيو ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته 75 سالن ۾ هر ايندڙ نسل ڀارت خلاف علم بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ??شم??رين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته والاريل ??شم??ر ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.
گڏيل قومون کي استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو: سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری