اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ارشد شريف جي لاش جي جلد وط?? واپسي جي لاءِ ڪينيا جي عملدارن سان ڪيترين ئي سطحن تي سرگرم عمل آهي، وزيراعظم شهباز شريف ڪينيا جي صدر وليم روٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ضابطي جي ڪاررواين کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ لاش جي وط?? واپسي جي درخواست ڪئي آهي. ڪينيا جي صدر ان افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل جاچ ۽ ميت جي جلد کان جلد وط?? واپسي جي خاطري ڪرائي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ۽ نيروبي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ان عمل کي آسان بڻائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان باضابطا طور تي ڪينيا جي حڪومت ک?? واقعي جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست پڻ ڪئي آهي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ پڻ ??سلام آباد ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي ته جيئن معاملي جي اهميت ۽ ميت جي فوري وط?? واپسي تي زور ڏئي سگهجي. ٻئي طرف وقتي پرڏيهي سيڪريٽري قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معام??ن بابت ڪميٽي جي معزز ميمبرن کي ان بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.
حڪومت ارشد شريف جي لاش جي جلد وطن واپسي جي لاءِ سرگرم آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ