اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قابل تجديد توانائي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي، متبادل توانائي جو استعمال ڪندي سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي جنهن سان عوام تي مهانگائي جو بار به گهٽ پوندو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ڪمپني زونرجي جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد جي قيادت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ زونرجي ڪارپوري??ن جي صدر رچرڊ جي گائو ڪئ??. و????را??ظم چيو ته پاڪستان جي درآمدي جو وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ مهانگو ٻارڻ درامد ڪرڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو، ان پرڏيهي ناڻي کي بچائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان قابل تجديد توانائي جي استعمال طرف وڌون. وز??را??ظم چيو ته شمسي توانائي منصوبن جي حوالي سان اربع ڏينهن هڪ پري بڊنگ ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آه??. و????را??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين بهترين دوست آهن، چين هر داخلي ۽ پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو چين جي وسيع تر منصوبي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو حصو آهي، جي ذريعي چين پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعت ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آه??. و????را??ظم چيو ته اسان قائداعظم سولر پاور بهاولپور جو 300 ميگاواٽ جو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ پورو ڪيو هو ۽ اسان جي اڳتي به اها ئي ڪوشش رهندي ته اسان قابل تجديد توانائي خاص طور تي سولر، ونڊ انرجي جي حوالي سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيون. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير ??وڌري سالڪ حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وز??را??ظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ فهد حسين شرڪت ڪئي. زونرجي ڪارپوريشن پاران وز??را??ظم کي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ عطيو ڪيو ويو.
قابل تجديد توانائي ئي پاڪستان جو مستقبل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria