اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لا??ِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سکر ۾ ٻو?? جي صورتحال تي ??ريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن ??و فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو دورو ڪندو، ٻوڏ سٽيلن سان ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ متاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لا??ِ انهن سان ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لا??ِ ڪرڻ واري ڪوششن جو جائزو وٺڻ لا??ِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر اي??دڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تيز تر بحالي لا??ِ قدمن جي ضرورت تي ??ور ڏنو هو.
صدر ڊاڪٽر ارف علوي پاران ٻوڏ سٽيل علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ملڪ گير دورا
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2